چرن سنگهه

چرن سنگهه

چرن سنگھه

چرن سنگهه: ڀارت جو نامور سياسي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم چرن سنگهه، 23 ڊسمبر 1902ع تي اتر پرديش جي ڳوٺ هاپور (Hapur)، ضلعي غازي آباد ۾ ڄائو. سندس وڏن 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ انگريزن خلاف ڪردار ادا ڪيو هو. چرن سنگهه، مهاتما گانڌيءَ جي اهنسا (Non Violence) واري سياست جو پوئلڳ هو، جنهنڪري 1930ع ڌاري ڇهه مهينا جيل ياترا به ڪئي هئائين. هن 1937ع ڌاري ڪانگريس جي پليٽفارم تان سياست ۾ باقاعدي داخل ٿيو ۽ اتر پرديش جي ليجسليٽوِ اسيمبليءَ ۾ ميمبر چونڊيو. ان وقت سندس عمر 34 سال هئي. هن اسيمبليءَ ۾ Agriculture Produce Market Bill پيش ڪري وڏي مشهوري حاصل ڪئي.

جنهن ۾ هن هارين سان ڀلاوڻن جي زيادتيءَ خلاف آواز اُٿاريو هو. اهو بل منظوريءَ کان پوءِ ڀارت جي ڪيترين رياستن ۾ لاڳو ڪيو ويو. چرن سنگهه 1940ع ڌاري ستياگرهه تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ نومبر 1940ع ۾ کيس هڪ سال لاءِ جيل موڪليو ويو. 1942ع ۾ ٻيهر ڊي. آءِ. آر (D.I.R) هيٺ جيل ويو، جتان نومبر 1943ع ۾ آزاد ٿيو. هن انگريزن کان آزاديءَ واري پارلياماني جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو هو ۽ ڪانگريس سان لاڳاپيل رهيو. 1952ع ۾ کيس اتر پرديش رياست ۾ روينيو جي وزارت جو قلمدان مليو. هن رياست ۾ زرعي سُڌارا آڻي، وڏين زميندارين کي ختم ڪيو. هي جواهر لال نهروءَ جي روسي قسم جي اقتصادي پاليسين جو مخالف هو. هن جو خيال هو ته ملڪ ۾ ڪوآپريٽوِ فارمن وارو نظام هلي نه سگهندو. اڳتي هلي چرن سنگهه 1967ع ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس تان استعيفا ڏئي، ’ڀارت لوڪ دل‘ نالي پنهنجي پارٽيءَ جو بنياد وڌو. هن جي جماعت کي هارين ۽ پورهيتن جي وڏي حمايت حاصل هئي. هن ئي سال (1967ع) ۾ راج نارائڻ ۽ رام منوهر لوهيا جي مدد سان اتر پرديش رياست جو وڏو وزير چونڊيو، جڏهن ته 1970ع ۾ جڏهن جنتا پارٽيءَ کي اقتدار مليو ته چرن سنگهه اتر پرديش رياست جو ٻيهر وزيراعليٰ چونڊيو ويو. 1975ع کان 1977ع تائين محترمه اندرا گانڌيءَ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي، جنهن دوران سندس مخالف، جن ۾ چرن سنگهه به شامل هو، جيل ۾ رهيا. ان عرصي دوران چرن سنگهه ۽ سندس پارٽيءَ کي وڏي عوامي مقبوليت حاصل رهي. چونڊن ۾ جنتا پارٽيءَ جو اڳواڻ مرار جي ڊيسائي وزيراعظم ۽ چرن سنگهه ڊپٽي پرائيم منسٽر ۽ هوم منسٽر مقرر ٿيو. 1979ع ۾ مرارجي ڊيسائي رشوت جي الزام لڳڻ سبب استعيفا ڏني. جنهن کان پوءِ چرن سنگهه ساڳئي سال اندرا گانڌيءَ جي مدد واپس وٺڻ سبب چرن سنگهه وزارت عظميٰ جو عهدو وڃائي ويٺو. ان کان پوءِ چرن سنگهه ’ڀارتيه لوڪ دل‘ جو صدر رهيو ۽ 29 مئي 1987ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. هن پُٺيان هڪ بيوهه جياتري ديوي ۽ ٻه پٽ ڇڏيا.
چرن سنگهه ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ هو، جن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: (1) Indias’ Economic Policy (2) The Gandhian Blue Print (3) Economic Nitghtmare of India (4) Its causes and Cure (5) Cooperative Farming X-Rayed.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.12.23  عيسوي

ڀارت جو نامور سياسي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم چرن سنگهه، 23 ڊسمبر 1902ع تي اتر پرديش جي ڳوٺ هاپور (Hapur)، ضلعي غازي آباد ۾ ڄائو.


1987.05.29  عيسوي

چرن سنگهه ’ڀارتيه لوڪ دل‘ جو صدر رهيو ۽ 29 مئي 1987ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سئلبئنڪ جوزف سالبئنڪ جوزف
امام بخش مڱريوحڪيم
ابوالڪلام آزاد
عبدالرزاق مشرب
حاتم علوي
زرداري مٺا خان
ابوبڪر احمد حليم پروفيسر
ثناءالحق صديقي مولوي
طفيل علي عبدالرحمان
چنا هارون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون